اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آئيوري ڪ??سٽ جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڊامه بڪنوگو مل??قات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب مل??قات ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مل??قات ۾ پارلياماني رابطن، او آءِ سي، آفريقي يونين ۽ واپاري شعبي ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آئيوري ڪ??سٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان آئيوري ڪ??سٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪم ڪرڻ چاهي ٿو. آئيوري ڪ??سٽ جي اسپيڪر بهترين ميزباني تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.