اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ريف ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد ا??رف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها گرفتاري سيا??ي انتقام آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سيا??ي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سيا??ي انتقام جي پنهنجي منفي روش تي ڪاربند آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سيا??ي انتقام جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيو. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي وانگر هاڻي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي سيا??ي استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سيا??ي انتقام سان مخالفن کي ??مڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر محمد ا??رف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.