اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سيوهڻ شريف جي ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ ق??متي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واق??ي ۾ مارجي ويل ماڻهن ??ي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. وزيراعظم پاران حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي.