اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز ش??يف شاعر مشرق علامه محمد ??قبال جي پيدائش جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل 22 رڪني ??وم?? ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته نومبر جي پوري مهيني ۾ علامه اقبال جي زندگي، فڪر، تحريڪ، شاعري ۽ فلسفي کي اجاگر ڪيو وڃي، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ نومبر مهيني جي لاءِ سرگرمين کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪري. وزيراعظم آفيس سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ ??وم?? ڪميٽي ٺاهڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ??وم?? تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ڪميٽي کي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر نثار احمد چيما، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، پروفيسر فتح محمد ملڪ، پروفيسر ڊاڪٽر خواجه محمد ??ڪريا، پروفيسر ڊاڪٽر رفيع الدين هاشمي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد ??يوب صابر، ڊاڪٽر اسلم انصاري، ڊاڪٽر احسان اڪبر، پروفيسر ڊاڪٽر تحسين فراتي، ڊاڪٽر اڪبر احمد، ڊاڪٽر طالب حسين سيال، خرم علي شفيق، ڊاڪٽر ابصار احمد، ڊاڪٽر مقصود جعفري، ڊاڪٽر عبدالرئوف رفيق، پروفيسر ڊاڪٽر عباد علي، ڊاڪٽر بادشاهه منير بخاري، ڊاڪٽر خالد اقبال ياسر، محمد ??ڪرم چغتائي، ڊاڪٽر شاهد اقبال ڪامران ۽ پروفيسر ڊاڪٽر بصيره عنبرين شامل آهن.