زيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو

image
APP35-021022 BEIJING: November 02 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif and Premier People’s Republic of China H.E Li-Keqiang in a delegation level talk. APP/ABB

بيجنگ– 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع تي بيجنگ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ جي پڌرائي موجب وزيراعظم اربع تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم جي چيني سيڙپڪارن ۽ پاڪستاني واپارين سان به ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي چين جي دوري جي دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ سميت وسيع تعاون ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم جو اهو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ چين جو پهريون دورو آهي. وفاقي وزير، خصوصي معاون ۽ اعلي سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل وفد به چين جي دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهي.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا