اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي مشروب ساز ڪمپني پيپسي ڪو جي آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يوجين و??يمسن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ملاقات ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود پڻ شريڪ هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومون معاشي پاليسين جي تسلسل سا?? ٺهنديون آهن. وزيراعظم پيپسي ڪو جي پاڪستان سان خطي جي ٻين ملڪن مان برآمدات کي ساراهيندي ڪمپني کي پاڪستان ۾ زرعي صنعتن، سيڙپڪاري وڌائڻ جي ترغيب ڏني. يوجين و??يمسن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ??ن کانسواءِ حڪومت جي معاشي، ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي پاليسين جي تسلسل جي ڪوششن کي به ساراهيو. يوجين و??يمسن وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ته پيپسي ڪو ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 لک راشن پيڪيٽ فراهم ڪيا، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پيپسي ڪو جي ملازمن پاران ??وڏ متاثرين جي مدد لاءِ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم به جاري آهي. وزيراعظم پيپسي ڪو پاران انهن جي مدد تي ٿورا مڃيا ۽ ڪمپني پاران زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ سيڙپڪاري کي ساراهيو.