اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، اهم مقرري تي مشاو??ت جي راءِ ڏئي ڪو غلط ناهي ڪيو، وفاقي وزيرن به مشاو??ت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان ح??الي سان مثال به موجود آهن، ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۽ معاشي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌريون گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن، اميد آهي ڳالهين سان معاملن ۾ بهتري ايندي. نجي ٽي وي چينل آج نيوز جي پروگرام ”روبرو“ ۾ خصوصي انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته ايندڙ سال 11 آگسٽ تي موجوده اسيمبلي مدو مڪمل ٿيڻ تي پاڻ ئي تحليل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ ٻن مهينن جي اندر چونڊون ٿينديون ۽ جيڪڏهن اڄ به اعلان ٿئي ته نيون چونڊون ڪرائڻ ۾ 3 مهينا لڳي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهم مقرري تي مشاو??ت جي راءِ ڏيڻ ڪو غيرآئيني قدم نه هو، وفاقي وزيرن به ان معاملي تي مشاو??ت جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته مشاو??ت جي حوالي سان اڳ ۾ به مثال موجود آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت عارف علوي چيو ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، هاڻي اتحادي حڪومت تي آهي ته عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائڻو آهي يا نه، آئون چاهيان ٿو ته ان معاملي کي گڏجي ويهي حل ڪيو وڃي. صدر چيو ته اسان کي دنيا کي معيشت جي حوالي سان استحڪام ڏيکارڻو آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيل واعدا به ملڪ ۾ استحڪام جي صورت ۾ ئي پورا ٿيندا، انهي لاءِ ملڪ جي لاءِ ضروري آهي ته سڀئي گڏجي ويهي ڳالهه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان حڪومت سان نه ٿو ويهڻ چاهي ته ان جا ساٿي ته ويهي سگهن ٿا، مون کي تعجب آهي ان ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، سياست جي ڪري معيشت ۽ ماڻهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. صدر وڌيڪ چيو ته ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿين ۽ مون کي اميد آهي ان سان حالتن ۾ بهتري ايندي. پاڪستان جي ائٽمي اثاثن بابت آمريڪي صدر جي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار جوهري ملڪ آهي، پاڪستان جي ائٽمي اثاثن جو ڪنٽرول ۽ مئنيجمينٽ سسٽم بهترين آهي ۽ ائٽمي توانائي جو عالمي ادارو به ان جي توثيق ڪري چڪو آهي.