اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، و??ير??عظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اهم خط??ب ڪندو، و??ير??عظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش چئلينج کي عالمي فورم تي اجاگر ڪري ماحولياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ خط??ي کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تجويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي عالمي اڳواڻن کي ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي و??ير??عظم آفريقي يونين، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عالمي سربراهه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عالمي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو. اهي ٻئي اجلاس عالمي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. و??ير??عظم پنهنجي دوري ۾ مختلف ملڪن جي و??ير??عظ??ن، جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کانسواءِ عالمي تنظي??ن، عالمي مالياتي ادارن ۽ فلاحي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آجياڻي دوران عالمي اڳواڻن کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ و??ير??عظم سان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي جي سالياني اجلاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.