اسلام آ??اد – 09 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ مسلسل امداد تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور سان ڪالهه جمعي ڏينهن انتهائي ڪارائتي ملاقاتٿي. هن ٻڌايو ته آمريڪا جي حڪومت مالي امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪي?? آهي، اهڙي طرح امداد جو ڪاٿو 51 ملين ڊالر تائين پهچي وي?? آهي. اسان مسلسل مدد تي امريڪا ٿورا مڃون ٿا.