اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچ??تا?? جا صوبا سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، غير معمولي برساتون جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻي??ن، حڪومتي وقت سر قدمن سان جاني نقصانن جي شدت تي ضابطو آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلڊ رليف سينٽر اين ڊي ايم اي ۾ ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ فيڊرل رليف ڪميٽي جي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هئي. وفاقي وزير ترڪيه وفد کي آگاهه ڪيو ته پاڪ??تا?? ۾ هلندڙ سال 500 سيڪڙو اضافي برساتون ٿي??ن، موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري گهٽ برساتن وارن علائقن ۾ وڌيڪ برساتون ٿيون ۽ ملڪ کي ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پاڪ??تا??ي عوام ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهي ته هنن مشڪل جي هن گهڙي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. ٻوڏ واري صورتحال کان ترڪيه وفد کي آگاهه ??ند?? احسن اقبال چيو ته هن وقت پاڪ??تا?? کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت متاثرن جي آبادڪاري ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي آهي، ان موقعي ت?? ترڪي طرفان آبادڪاري ۽ غذائي جنسون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي.