پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني ڪشمير استحصال ڏهاڙ?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، وال??ري?? ڪشمير ۾ صدين کان جاري ڀارتي ظلمن جي ڪري ڪشميري عوام تي هر لمحو ڀاري آهي پر 5 آگسٽ 2019?? تي مودي حڪومت وال??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري نه رڳو وال??ري?? ڪشمير جو بي رحماڻو استحصال ڪيو پر مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي عوام 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي دنيا کي باور ڪرائي رهي آهي ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. مشتاق احمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن عالمي برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت جو وال??ري?? ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ، بدترين ڪرفيو ۽ ڀارتي فوج جو گهيراءُ ڀارت جي مڪروهه ارادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آه?? جيڪو خط?? جي امن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ڀارت وال??ري?? ڪشمير بابت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميري عوام تي هر گذرندڙ ڏينهن سان ظلمن ۾ اضافو ڪندو پيو وڃ?? جيڪو عالمي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪر جو لمحو به آهي.