اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي صدر ش??خ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب صدر ش??خ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان ?? گڏيل عرب امارات جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني قوم گڏيل عرب امارات جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ ??هي. هن ش??خ خليفه بن زيد النهيان جي مسلمان امت ۽ پاڪ – يو اي اي دوستي جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر چيو ته اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو.