اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي لاءِ اوگرا پاران موڪليل سمري رد ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيل جي قيمتن کي برقرار رکيو وڃي ۽ قيمت ۾ اضافي ج?? بار صارفين تي نه وڌو وڃي. اڄ آچر پهرين مئي کان پيٽروليم مصنوعات جون قيتمون 16 اپريل 2022ع جي سطح تي برقرار ر??ند??ون ۽ پهرين مئي کان به پيٽرول 149.86 روپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 144.15 روپيا ۽ گاسليٽ 125.56 جڏهن ته لائ??ٽ ڊيزل 118.31 روپين جي پراڻي قيمتن تي ئي وڪرو ڪيو ويندو.