اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ سڄي دنيا جا مسلمان سوئيڊن ?? هالينڊ ۾ اسلامو فوبيا جي تازن واقعن تي سخت ڏکويل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ??نهن واقعن جي مذمت ڪري ۽ اهڙي قسم جي ڪڌن روين جي روڪٿام لاءِ ق??م کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان کي اسلامو فوبيا جي خلاف مت??د ٿيڻو پوندو.