اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آصف زرداري جيتري دولت آه?? کڻي اچ هڪ ڪارڪن به نه وڪامجندو، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندا، مخالف ڌر پيغام ڏنو آهي ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏينداسين پر قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته توهان کي اين آر او نه ملندو، مينار پاڪستان تي عمران خان گهرايو ته سمنڊ اٿلي آيو ۽ اڄ ٻيهر پريڊ گرائونڊ ۾ قوم چئي رهي آهي ته ??زيراعظم قدم وڌائي اسان توسان گڏ آهيون. پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته 27 مارچ تي پاڪستانين کي اسلام آباد آڻڻ جي دعوت جي تمنا منهنجي قائد ڪئي ۽ اڄ ٻڌائي ڇڏيو ته ??وم جاڳي چڪي آهي. 1947ع ۾ ق??ئداعظم قوم کي جاڳايو ته ??اڪستان ٺهيو، 1965ع ۾ قوم جاڳي، پشاور اي پي ايس حملي تي قوم جاڳي ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڄ قوم جاڳي آهي ته ڪجهه ضمير وڪامجن ٿا ته ڪجهه ضمير حسين جي للڪار وانگر بيهي رهن ٿا، آصف علي زرداري جيتري دولت آه?? کڻي اچ هڪ ڪارڪن به وڪامجڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته ??اڪستان جي قوم اڄ عوام جي ڪچهري ۾ سرخرو ٿي وئي ۽ قوم عمران خان کي چئي ڇڏيو ته اها ان سان گڏ بيٺل آهي، بيٺل هئي ۽ بيٺل رهندي. هتي ڪو ضمير فروش نه آهي. اڄ عمران جي بغض ۾ سڀ گڏ ٿي ويا. عمران خان جو ڳاٽ هي قوم ڪڏهن جهُڪڻ نه ڏيند??. م??دوم شاهه محمود قريشي چيو ته اهي عمران خان کي پيغام ڏين ٿا ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، هو بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏيندا. قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته زرداري، نواز شريف، فضل الرحمان توهان کي اين آر او نه ملندو. پرڏيهي وزير چيو ته ??زيراعظم عمران خان چيو هو ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائيندس. هن چيو ته اسلامو فوبيا ۽ گستاخي ڪندڙن جي خلاف قرارداد منظور ٿي آهي ۽ اهو اعزاز به پاڪستان ۽ توهان جي وزيراعظم جي حق ۾ وڃي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ??نهنجي سيني ۾ تمام گهڻا راز آهن، چاڪ ڪري ڇڏيان ته ??ي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهن پر آئون هڪ حلف جو پابند آهيان. وفاقي وزير چيو ته ??ون پنهنجي ڪپتان کي آگاهه ڪري ڇڏيو ته ??نصوبابندي ڪهڙي آهي ۽ ڪٿان ٿي رهي آهي، اها امانت مون توهان کي ڏئي ڇڏي آهي، قوم جڏهن ڪنڌ کڻي جيئڻ جو عزم ڪري ٿي ته ??شڪلاتون اينديون آهن. هن شرڪت ڪندڙن کان وچن ورتو ته توهان عمران جو ساٿ ڏيندا ۽ گهٻرائيندا نه. هن چيو ته ??نهنجي ڪپتان 30 آڪٽوبر 2011ع تي مينار پاڪستان گهرايو هو ۽ قوم آئي ۽ اڄ ٻيهر 27 مارچ تي پاڪستاني قوم اهو پيغام کڻي آئي آهي ته ??دم وڌائي عمران اسان توسان گڏ آهيون. هن چيو ته ??وم چئي رهي آهي ته اسان کي کپي پراڻو خان ۽ نئون پاڪستان. ضمير فروشن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي.