اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڦور??ئن تي ٻڌل حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، پ??ڪس??ان جو مستقبل چورن جي حوالي نٿا ڪري سگهون، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن جا ضمير خريدڻ لاءِ ٻوليون لڳايون پيون وڃن، جتي تمام گهڻو پئسو منتقل ٿيڻ جا اطلاع آهن، 10 لک ماڻهن جي ڪال جي ڊپ کان مخالف ڌر خوف ۾ ورتل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ گرين يوٿ موومينٽ جي تقريب کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڪالهه ننڍو ڊان چئي رهيو هو ته ملڪ م قومي حڪومت ٺاهيو جنهن ۾ تحريڪ انصاف شامل نه هجي، عقل جا انڌا اڄ چئي رهيا آهن ته ڦور??ئن جي حڪومت ٺاهيو جيڪا چورن کي بچائي، اسان ان کان اڳ ان طرح جو قومي بيانيو نه ٻڌو، چوڌري فواد حسين چيو ته پ??ڪس??ان جي 63 سيڪڙو آبادي 15 سالن کان 33 سالن جي نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ هي اهي نوجوان آهن جيڪي پ??ڪس??ان جو مستقبل آهن ۽ اسان پنهنجي مستقبل کي چورن ۽ ڦور??ئن جي حوالي هرگز نه ڪرڻ ڏينداسين. اسان کي پتو پيو آهي ته سنڌ هائوس جي اندر منڊيون لڳل آهن، جتي جهڙي قسم جون ٻوليون لڳي رهيون آهن ۽ ضمير وڪرو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڇا عوام ان جي اجازت ڏيندي؟ وفاقي وزير چيو ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي چوڪ تي 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر اهو نه چيو هو ته اهي ماڻهو مخالف ڌر کي ماريندا، مخالف ڌر صرف 10 لک ماڻهو گڏ ٿيڻ جي ڊپ کان بيهوش ٿي وئي آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته سياسي پارٽين جو حق آهي ته هو جلسا ۽ جلوس ڪن، پنهنجي ماڻهن کي گڏ ڪن، اهو اسان جو حق آهي، هن چيو ته اسان پ??ڪس??ان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ميڙاڪو اسلام آباد ۾ ڪري ڏيکارينداسين، اسان لوئر مڊل ڪلاس جي پارٽي ??هي??ن، اسان تشدد ڪندڙ ماڻهو نه ??هي??ن، هن چيو ته عمران خان پ??ڪس??ان جي نوجوانن جي مستقبل جي اميد آهي، اسان ان اميد سان جيئنداسين ۽ مرنداسين.