اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول جو پنجن ڏينهن جو الٽيميٽم زمين بوس ٿي ويو ته هاڻي 24 ڪلاڪن تي اچي ويو آهي، حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم نه ڪيو پر احساس پروگرام جي ڇٽي هيٺ 34 پروگرام جاري ڪيا، سماجي تحفظ جي پروگرام جي بجيٽ 85 ارب روپين کان وڌائ?? 260 ارب روپيا ڪئي و??ي آهي، جڏهن عمران خان حڪومت پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ته مخالف ڌر کي اهو به هضم نه ٿي رهيو هو. بلاول ڀٽو جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته اسان بلاول کي يقين ڏياريون ٿا ته 2023ع جون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون، بلاول جي پارٽي جو پنجاب ۾ جيڪو حال آهي اهو ڪنهن کان لڪل نه آهي، يونين ڪائونسل جي اليڪشن کٽڻ جي به سگهه نه آهي، اسيمبليون به قائم رهنديون ۽ وزيراعظم عمران خان به. ناڪامي ۽ رسوائي مخالف ڌر جو مقدر آهي. بلاول ڀٽو جي شوقيه مارچ جي شروعات کان اڄ تائين عوامي خدمتن جي ڪنهن ايجنڊا تي ڳالهه ٿي هجي ته اسان کي ٻڌايو وڃي، مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ ڪيٽ شو تي سرڪاري و??يلن جو بيدردي سان استعمال ٿيو، پي ٽي آءِ جمهو??ي قدرن جو خيال رکندي آهي، مارچ ۾ ڪٿي به رڪاوٽ نه وڌي و??ي، هاڻي مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن اهو ته بلاول ڀٽو به ٻڌائڻ جي همت نٿو رکي، عمران خان کان حساب گهرڻ وارا پهرين 15 سالن جو حساب سنڌ جي عوام کي ڏين ۽ 2018ع ۾ عوام عمران خان کي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ان جو مدو 2023ع تائين آهي.