گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي روانگي و??پار جي فروغ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان سرحد تي و??پار وڌيڪ آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سرحدي و??پار ۾ اضافي ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ رستن جي بنيادي ڍانچي کي اپ گريڊ ڪن، ٽيلي ڪميونيڪيشن جون سهولتون فراهم ڪن ۽ ڪراسنگ پوائنٽس تي بينڪنگ چئنلز قائم ڪري موجوده سرحدي علائقن کي سموريون سهولتون مهيا ڪن. ايوان صدر جي پ??يس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهي هدايتون جمعي ڏينهن گوادر ۾ بلوچستان ۾ بارڊر اينڊ ٽريڊ مينيجمينٽ جي حوالي سان فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ وزيراعظم جي و??پار ۽ سيڙپڪاري و??ري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا، بلوچستان جي وڏي و??ير عبدالقدوس بزنجو، ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڪمانڊر ڪوسٽ پاڪستان نيوي ريئر ايڊمرل جاويد اقبال، ڪمانڊر ويسٽ پاڪستان نيوي ريئر ايڊمرل جواد احمد، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين خالد منصور، اوگرا چيئرمين مسرور خان، بلوچستان جي چيف سيڪريٽري مظهر نياز رانا ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي 3 جنوري 2022ع تي ايوان صدر، اسلام آباد ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ حڪومت بلوچستان پاران اٿاريل مختلف مسئلن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس کي سرحدي و??پاري مسئلن ۽ گوادر جي ساحلي علائقن ۾ غير قانوني ماهي گيري بابت به آگاهه ??يو ويو، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي و??ي ته گوادر جي شهرين کي بينادي ضرورتن جي فراهمي لاءِ ضروري بنيادن تي ڪم 6 مهينن ۾ مڪمل ??يو ويندو. سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين ٻڌايو ته گوادر جي عوام کي 1.2 ملين گيلن روزاني (ايم جي ڊي ) پاڻي جي فراهمي جومنصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ??يو ويندو، اجلاس کي گوادر ايئرپورٽ ۽ اسپتال جي ترقي تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ بريفنگ ڏني و??ي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ۽ سهولت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ عمل کي هموار بڻايو ويو آهي ۽ هاڻي اين او سي چئن هفتن ۾ جاري ڪئي ويندي. اوگرا چيئرمين شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ??يو ته صوبي جي تيل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بلوچستان ۾ اسٽوريج جي سهولتن ۽ لائسنس رکندڙ بهترين 10 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي صوبي جي هر ضلعي ۾ 2 اضافي پيٽرول پمپ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي و??ي آهي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن جو تعداد گهٽ ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي کي به ساراهيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته بلوچستان جي سرحدي علائقن سان تعلق رکندڙ واپارين کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ??يو وڃي، هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بئنڪن کي سرحدي و??پاري ماڳن تي بئنڪنگ چئنلز قائم ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، هن بلوچستان جي نوجوانن کي هرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن هو گوادر ۾ روزگار جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن. صدر بلوچستان جي احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو. گورنر ۽ وڏي و??ير صوبي جي ترقي، عوام کي درپيش مسئلن جي حل ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي صدر جو دل جي گهراين سان ٿورو ادا ڪيو.