اسلام آباد – 18 R11; نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي گهر ويو ۽ سندس وڏي ڀاءُ شيخ رفيق قمر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.