ڪابل – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغ??نس??ان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعيري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ڪابل ۾ افغ??نس??ان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخ??ند سان ملاقات ۾ چئي. افغان عبوري حڪومت جو پرڏيهي وزير امير خان متقي به ان موقعي تي موجود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو افغ??نس??ان بابت خصوص?? نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغ??نس??ان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ پاڪستاني ??فد جا ٻيا ميمبر به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغان عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغ??نس??ان جي عبوري حڪومت جي وزيراعظم ملا حسن آخ??ند پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني ??فد جو ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغ??نس??ان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ ??نس??ني بنيادن تي افغان ڀائرن جي لاءِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان، افغ??نس??ان سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. افغان شهرين خاص طور تي واپارين لاءِ ويزا سهولتون، نوان بارڊر پوائنٽس جاري ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت جي فراهمي انهي سلسلي جون ڪڙيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، افغ??نس??ان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، افغان حڪومت جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخ??ند ??نس??ني امداد جي وقت سر فراهمي تي پاڪستاني ??يادت جو ٿورو ادا ڪيو.