اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي شگر ملز ڪيس ۾ 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ 30 آڪٽوبر تائين ضمانت ملي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان ڪيس ۾ انهن اڪائونٽ?? جا تفصيل ڏسي سگهجن ٿا جيڪي رڳو انهن وڏن ڪرپشن ڪيسز مان رڳو هڪ ڪي?? جا آهن. مخالف ڌر چاهي ٿي ته احتساب جو عمل ڇڏي اڳتي وڌيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انهن ??ڪي اڪائونٽ?? جا تفصيل پڻ شيئر ڪيا جنهن ۾ شهباز شري?? اينڊ فيملي جي ڪلرڪن ۽ چپڙاسين جي نالن تي ٺاهيو ويو ??ڪي اڪائونٽس مان 25 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا.