دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم سان اسان جُون ڪيتريون اميدون جڙيل آهن، اسان جو بنيادي معاشي نڪتو وچ ايشيائي رياستن سان ??يجها رابطا قائم ڪرڻ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي، اسان ??ن خطي ۾ علائقائي تعاون چاهيون ٿا، اسان ان ??وقعي تي افغانستان جي مسئلي تي ڳالهائڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اميد آهي ته اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن افغانستان به هن سربراهي اجلاس ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو.