اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان کي فضائي آ??ودگي کان پاڪ ڪرڻ ?? شهرين کي رهڻ لاءِ صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪلين گرين پروجيڪٽ ۽ بلين ٽريز سونامي جهڙا منصوبا ماحولياتي آ??ودگي کي روڪڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا، پاڪستان جي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته عالمي دنيا جو اعتراف آهي ته پاڪستان ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهترين قدم کنيا آهن، فضائي آ??ودگي هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي صوبائي ۽ مقامي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهيمت رکندڙ آهي، اسپيڪر چيو ته ڇو ته اهي پالي??ي ساز آهن ۽ اهي ئي عملدرآمد جي سطح تي پالي??ين جي جاچ پڙتال ڪن ٿا، پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) جو دسخطي هجڻ جي ناطي پاڪستان کي آ??ودگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذ??يد??ري آ??ي، پشاور ۽ ڪراچي جهڙن پاڪستان جي وڏن شهرن کي هر سال ڌنڌ درپيش هوندي آ??ي، جيڪو ناقص هوا جي معيار ۽ فضائي آ??ودگي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، موجوده حڪومت ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ بلين سونامي ٽريز منصوبي کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.