اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه عالم سڳورا گذريل 14 سئو سالن کان وڌيڪ عرصي کان خدا ۽ ان جي رسول ﷺ جو پيغام عوام تائين پهچائي رهيا آهن، اسلام جي بقا منبر ۽ محراب سان ڳنڍيل آهي، اهم سماجي ۽ معاشرتي مسئلن ۽ موضوعن تي ??وام جي رهنمائي عالم سڳورن جو فرض آهي، عالم سڳورا، ميڊيا، سول سوسائٽي، حڪومت ۽ خاص طور تي ??ين سي او سي جي جامع پاليسي جي نتيجي ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪووڊ – 19 جو بهتر مقابلو ڪيو آهي، ڪورونا وائرس جهڙي وبا جي روڪٿام جي حوالي سان قرآني تعليم کان عوام جي آگاهي ??المن جو فرض آهي. منبر ۽ محراب تان بهترين ڳالهين جي تلقين جي ضرورت ??هي، ڪورونا ويڪسين جي تياري ۽ ان ۾ شامل جزن جي باري ۾ عالم سڳورا مطئمن آهن، هن پاڻ به ويڪسين لڳرائي آهي ۽ 4 جون 2021ع جي جمعي جي خطبن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کان تحفظ لاءِ ويڪسين جي اهميت ۽ ضرورت ??ي باري ۾ عوام کي آگاهي فراهم ڪئي ويندي. اهڙن ??يا??ن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي عالم سڳورن جي ويڊيو لنڪ جي ذريعي منعقد اجلاس ۾ ڪورونا ويڪسين جي اهميت ۽ ان جي باري ۾ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان محراب ۽ منبر جي ڪردار جي مشاورتي ??جلاس کي خطاب ڪندي.