اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارت سان آمدرفت تي مڪ??ل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، اها پابندي اپريل ج?? ٽئين هفتي کان لاڳو آهي ۽ ان تي مڪ??ل عملدرآمد ٿي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال ۾ بهتري نه آئي ته پاڪستان جي اندر وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پوندا ان لاءِ تياري ڪئ?? پئي وڃي.