اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار احمد فيضي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم افغان وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??يج??ي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان پاران افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي مسئلي جي ڳالهين جي ذري??ي سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پو??ي خطي لاءِ فائديمند ٿيندو، ان سان علائقائي رابطاڪاري وڌندي ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.