اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين ??ان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وف?? مظفرآباد روانو ٿي ويو آهي. وف?? جي قيادت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري ثوبي?? ڪمال ڪري رهي آهي. وف?? مظفرآباد ۾ پناهگير ڪئمپ ۾ ڪشميري خاندانن ??ان ملاقات ڪندو، وف?? ڪشميرين ??ان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي قربانين تي انهن کي سلام پيش ڪندو. رواني ??يڻ کان اڳ ڳالهائيندي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن پارلياماني سيڪريٽري ثوبي?? ڪمال چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي گذريل سال جي مذمت جوڳي قدم جي خلاف پوري قوم احتجاج ڪري رهي آهي، ڀار?? 70 ??الن کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون کليل خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، دنيا کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻو پوندو، ڀارت جون هندو انتهاپسند فاشسٽ پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان وف?? کي روانو ڪيو.