اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ق??مت?? ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي ق??مت?? ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح نه رڳو ڪڻڪ جي ضرورتن موجب وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ آهي پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي ق??مت?? کي ضابطي ۾ رکڻ آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سندس اولين ترجيح غريب طبقي جو تحفظ آهي ته جيئن انهن تي اضافي بار نه پوي. وزيرا??ظم ڪڻڪ ۽ اٽي جي ق??مت?? ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن تي ڳالهائيندي هدايت ڪئي ته انهن فيصلن ت?? جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.