اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت مالياتي ڊسپلين کي قائم رکندي سخت انداز ۾ حڪومتي خرچن کي گ??ٽ ڪيو ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري بيلنس مثبت ٿي و??و آهي، معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ وسيلن جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، انهي و??زن تحت حڪومت احساس پروگرام جي بجيٽ ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس آمدني ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪڏهن وبا نه پکڙجي ها ۽ اهڙي طرح ئي معاملا هلن ها ته ٽيڪس آمدني ۾ 27 سيڪڙو اضافي جو امڪان هو، اوڳاڙيون گڏ ڪرڻ ۾ 750 کان وٺي 800 ارب رپين جي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح منفي ٻُڙي ڏهائي چار سيڪڙو رهي، صنعت جي ترقي به منفي ٻه ڏهائي چار سيڪڙو آهي، زراعت ٻه ڏهائي ڇهه سيڪڙو، خدمتن جو شعبو منفي ٽي ڏهائي چار سيڪڙو، ٽرانسپورٽ منفي ست ڏهائي هڪ سيڪڙو ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبي جي ڪارڪردگي منفي ٻاويهه ڏهائي نو سيڪڙو رهي، مالي خسارو جي ڊي پي جو چار سيڪڙو رهيو. قومي اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اقتصادي معاملن واري ??فاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، صنعت ۽ پيداوار واري ??فاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي واري ??فاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ايف بي آر جي چيئرپرسن نوشين جاويد امجد ۽ ناڻي واري سيڪريٽري ??ويد ڪامران بلوچ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اقتصادي بحران ورثي ۾ مليو هو، اقتدار سنڀالڻ وقت روانگي واپار ۾ جمود هو، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا رڳو 9 ارب ڊالر رهجي و??ا هئا، حڪومت جي لاءِ معيشت کي هلائڻ مشڪل ٿي و??و هو، پاڪستان تي قرضن جو بار 30000 ارب رپين تائين پهچي و??و. انهن مشڪل حالتن ۾ حڪومت مالياتي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکندي مشڪل فيصلا ڪيا، حڪومت روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان ??نو?? ان مقصد جي لاءِ روانگي واپار جي شعبي کي مراعتون ڏنيون ويون.