اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام پاران ٿيندڙ ڪم کي س??راهيندي ماحولياتي تبديلين، حياتياتي تنوع جي نقصانن ۽ ماحولياتي نظام ۾ ٿيندڙ تبديلين کي وڌيڪ موثر طريقي س??ن حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (يو اين اي پي) اينگر اينڊرسن ملاقات ڪئي. اينگر اينڊرسن پاڪستان جي س??ڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي اڄ وڏن مسئلن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي حوالي س??ن ڀرپور قدم کنيا. اينگر اينڊرسن وزيراعظم کي يو اين اي پي پاران پاڪستان ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ يو اين اي پي ۾ پ??ڪستان جي فعال ڪردار کي س??راهيو. وزيراعظم چيو ته يو اين اي پي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ پ??ڪستان جو ساٿ ڏي.