اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عراق جي دفاع واري وزير جمعه اناد سعدون جي قيادت ۾ دفاعي وفد ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. ان موق??ي تي صدر چيو ته پاڪستان عراق سان پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان، واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چ??هي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي دفا??ي تربيتي ادارن ۾ عراقي فوجي اهلڪارن جي لاءِ تر??يتي ڪورسز جي آڇ ڪئي، ان موق??ي تي پاڪستان پاران ٽيڪنيڪي امداد ۽ انساني وسيلن جي مدد سان عراق ۾ بنيادي ڍانچي جي تر??ي ۾ مدد جي به آڇ ڪئي وئي.