اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پو??يس جي وقت سر ڪارروائي سان اسان ڪنهن وڏي جاني نقصان کان بچي وياسين. وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ز??مي?? کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ت??ئين سک سان نه ويهنداسين. امن امان جي صورت??ال خراب ڪرڻ جي هر ڪڌي ڪارروائي کي ناڪام بڻائينداسين.