اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي اردن ??ي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن صفادي ٽيليفون ڪري پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اردن ??ي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪست??ني عوام شاهي خاندان ۽ اردن ???? عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت رکي ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اردن ??ي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي رفتار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي وزيرن فلسطين?? عوام جي خلاف اسرائيلي قابض فوج جي غيرانس??ني ۽ وحشياڻي ڪاررواين جي شديد مذ??ت ڪئي. هن فوري جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته غزه جي ماڻهن جي لاءِ انس??ني امداد جي فراهمي ۾ بنا روڪ ٽوڪ ۽ اضافي جي ضرورت آهي.