اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سائبر سيڪيورٽي ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي مؤثر ڪردار جي اهميت کي نظر ۾ رکندي شعبي ۾ صلاحي??ن ۾ اضافو ممڪن آهي. ان ڳالهه جو اظهار پائيدار ت??قي??َ واري پاليسي (ايس ڊي پي آءِ) ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت ۽ـ سائبر سيڪيورٽي جي حوايل سان مشڪلاتن ۽ موقعن جي موضوع تي رٿيل سيمينار دوران ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي ??زير شيزا فاطمه خواجه چيو ته جديد ڊيٽا سان نئين نسل کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي جدي?? فني تربيت نصاب ذ??يعي ڏني وڃي، جڏهن ته نصاب تعليم ۽ تعليمي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي يافته مل??ن ۾ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان تمام گهڻو پوئتي آهي. آءِ ٽي جي بهتر استعمال سان حڪمراني واري نظام ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻي سگهجي ٿي. حڪومت عوام کي هر ممڪن سهولت ۽ پاڪستان جي برق رفتار ت??قي??َ لاءِ عملي قدم کڻندي.