اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت سرڪاري ملڪيتي ادارن جي خساري ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، انهن سرڪاري ادارن جي نجڪاري سميت وڌيڪ سڌارن جو فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪن??ي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد جي ملڪ جي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ڪارڪردگي بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سرڪاري ملڪيتي ادارن جا نقصان گهٽ ڪرڻ سان ڪنهن کي اختلاف نه آهي جڏهن ته انهن نقصانن کي ختم ڪرڻ بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته نجڪاري واحد حل آ??ي، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته پروفيشنل انداز ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، ان بابت حتمي فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪن??ي. هن چيو ته 200 کان وڌيڪ ادارا خساري جو شڪار آهن،ا نهن ۾ پاور، فنانس ۽ ڪميونيڪشن جا ادارا شامل آهن. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب انهن ادارن جو خسارو 730 ا??ب رپيا آ??ي، منافعو ڏيندڙ ادارن جو مجموعي منافعو 570 ا??ب رپيا هو. هن چيو ته نيٽ لاسز 160 ا??ب رپين جي لڳ ڀڳ آ??ي، انهن نقصانن ۾ پاور سيڪٽر، پي آءِ اي، اين ايڇ ا??، ريلويز ۽ اسٽيل ملز شامل آهن. اين ايڇ ا?? جا نقصان 170 ا??ب رپين جي لڳ ڀڳ هئا. هن چيو ته حڪومت سرڪاري ادارن ۾ نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ نمايان سڌارا ڪيا آهن. سيپٽمبر 2023ع ۾ رياستي ملڪيتي ادارن بابت پاليسي منظور ڪئي وئي آهي انهن ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪيو آهي. اين ايڇ ا?? سميت مختلف ادارن ۾ سڌارن جي لاءِ قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. وڌيڪ سڌارن بابت فيصلو ايوان ۽ چونڊيل حڪومت ڪن??ي. سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر ثانيه نشتر، سينيٽر محمد اڪرم، سينيٽر ڪامل علي آغا، سينيٽر صابر شاهه ۽ سينيٽر سيف الله ابڙو پڻ ٻحث ۾ حصو ورتو. بعد ۾ پينل آف چيئرپرسن رٿ اڪلائي ڇڏي.