اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب عدالتن کي خصوصي عدالتن ۾ بدلائڻ، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي نئين سر جوڙجڪ، فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري ۽ دوائن جي قيمتن ۾ ڊي ريگيوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي ليفٽيننٽ جنرل طاهر حميد شاهه جي پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز بورڊ جي ميمبر ۽ چيئرمين جي طور تي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ليفٽيننٽ جنرل طاهر حميد شاهه جي مقرري 29 نومبر 2023ع کان لاڳو هوندي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي ميجر عابد منصور خان جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سعودي عرب جي دفاع واري وزارت پ??را?? ”نوت شجاعت“ ۽ ”نوت شرف“ جو ايوارڊ، پرڏيهي وزارت جي سفارش تي محمد اشرف خان، پروٽوڪول آفيسر جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ آسٽريا جي حڪومت پ??را?? گولڊ ميڊل ۽ پرڏيهي وزارت جي سفارش تي ايئر ڪموڊور سيد عمران علي جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستاني سفارتخاني ٽوڪيو ۾ بطور ڊفينس اتاشي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڊفينس ڪوآپريشن ايوارڊ فرسٽ ڪلاس جو ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش ۽ چيف جسٽس پشاور ??اءِ ڪورٽ جي تجويز تي پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب عدالتن کي خصوصي عدالتن ۾ بدلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ انهن عدالتن جي ججن جي مقرري جي حوالي سان چيف جسٽس پشاور ??اءِ ڪورٽ جي تجويز منظور ??نظور ڪئي وئي آهي. باقي رهيل عدالتون احتساب عدالتن طور ڪم ڪنديون رهنديون. انهن تبديلين سان قومي خزاني تي ڪو اضافي بار نه پوندو. وفاقي ڪابينا نجڪاري ڊويزن جي سفارش تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏن??. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي گذريل ڪيترن ئي سالن کان خساري ۾ آهي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪابينا جي گذريل اجلاسن ۾ پي آءِ اي جي مالي ۽ انتظامي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ فنانشل ايڊوائيزر جي مقرري جي منظوري ڏن?? وئي. ڪابينا کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فنانشل ايڊوائيزر پ??را?? عالمي مثالن کي نظر ۾ رکندي پي آءِ اي جي مالياتي نئين سر تنظيم سازي جو منصوبو جوڙيو ويو جنهن تحت پي آءِ اي کي ٻن ڪمپنين ٽاپ – ڪو ۽ هولڊ – ڪو ۾ ورهايو ويندو. پي آءِ اي جي بنيادي آپريشنز انجنيئرنگ، گرائونڊ هينڊلنگ، ڪارگو، فلائيٽ ڪچن ۽ ٽريننگ کي ٽاپ – ڪو ۾ شامل ڪيو ويندو جڏهن ته ٻيا ادارا جهڙوڪ پريسيزن انجنيئرنگ ڪمپليڪس، پي آءِ اي انوسٽمينٽ لميٽڊ ۽ ٻين ذيلي ادارن ۽ پراپرٽيز کي هولڊ – ڪو ۾ شامل ڪيو ويندو. انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي پي آءِ اي طرف راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي کي حڪومتي ملڪيتي ادارن جي پي آءِ اي تي حل طلب رقم جي حوالي سان معاملا جلد اڪلائڻ جي هدايت پڻ ڏن??. وفاقي ڪابينا نجڪاري واري وزارت جي سفارش تي فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي انهن دوائن جي قيمتن جي ڊي – ريگيوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪي انتهائي ضروري دوائن جي نيشنل لسٽ ۾ شامل نه آهن. انهن تجويزن تحت نيشنل لسٽ ۾ موجود انتهائي ضروري دوائن کانسواءِ دوائن جي قيمتن کي ڊرگ ايڪٽ 1976ع کان ڇوٽ قرار ڏن?? ويندو ۽ ڊرگ پراسيسنگ پاليسي 2018ع ۾ ضروري ترميمون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ڊاڪٽر پ??را?? مريضن کي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز ۽ اوور دي ڪائونٽر مصنوعات تجويز نه ڪئي ويندي. ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز ۽ اوور دي ڪائونٽر مصنوعات جي فهرست مروجه عالمي معيار موجب جوڙيندي ۽ ان حوالي سان صوبائي حڪومتن سان پڻ رابطي ۾ رهندي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي پهرين فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.