اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر م??مد معيزو ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، خاص طور تي واپار ۽ ماحولياتي قدمن جي خصوصي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميديا ونگ ??اران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي جمهوريه مالديپ جي صدر ڊاڪٽر م??مد معيزو ٽيليفون ڪئي. ٽيليفون جو مقصد ابوظهبي ۾ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج (ڪوپ – 28) جي ??ري?? جي ڪانفرنس جي 28 هين اجلاس جي موقعي تي 2 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ سندن ملاقات دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ هو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپار ۽ ماحولياتي قدمن تي ڌيان ڏيندي گڏيل تعاون کي وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر علائقائي تعاون جي ذريعي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.