اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، توانائي واري وزارت گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺ??هي پيش ڪري، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي حڪمت عملي تي جا??زه اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪ?? ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي اسان ترجيحي بنيادن تي معيشت جي بحالي لاءِ قدم کنيا، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪومت هر مڪن قدم کڻي رهي آهي. هن توانائي واري وزارت کي هداي?? ڪئي ته گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺ??هي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته گردشي قرصن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، بجلي چوري جي خاتمي واري آپريشن سان بج??ي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي وصولين ۾ خاطرخواهه بهتري آئي آهي. اج??اس کي پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن جي گردشي قرضن جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي مختلف ڪمپنين جي گردشي قرضن جي حوالي سان آگاهه ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل وزارت کي ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ هڪ ٺوس، پائيدار حڪمت عملي ٺ??هي پيش ڪرڻ جي پڻ هداي?? ڪئي.