اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اس??ن ڪنهن آئيني ا??اري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي ??زير چيو ته سينيٽ ۾ اليڪشن جي التوا جي قرارداد ۾ دليل ڏيڻ جو موقعو نه مليو. هن چيو ته نگران وزيراعظم يا ڪابينا پاران اليڪشن جي دير جي حوالي س??ن ڪو حڪم موجود نه هو، ان لاءِ اهڙي قسم جي قرارداد جي حمايت ڪرڻ اسان جي لاءِ ممڪن نه هو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪرائڻ، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اس??ن ڪنهن آئيني ا??اري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته قرارداد جي اندر جيڪي مسئلا ٻڌايا ويا اهي حقيقي ??سئلا آهن پر پاڪ??تا?? جي پارلياماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ ۾ به رهيا آهن، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا تائين ڪنهن تڪ پاران اهڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن ۾ واضح پيغام هجي ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي التوا يا انعقاد جو آئيني ا??تيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.