اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نئين دهلي ۾ پاڪستان جي ??اء?? ڪميشن هلندڙ مهيني ڀارت جي هندو ياتر??ن کي پنجاب ۾ ڪٽاس راج مندر جي دوري ۽ شاداني درٻار حيات پتافي، سنڌ ۾ سالياني تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ 166 ويزا جاري ڪيا آهن. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ مهيني بابا گرو نانڪ جي 544 هين جنم ڏينهن جي تقريبن جي موقعي تي ڀارت مان 3 هزار سک ياتر??ن کي 25 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان اچڻ جي لاءِ ويزا پڻ جاري ڪيا. ترجمان چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي دورن بابت پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت پاڪستان هر سال مختلف مذهبي ڏڻن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت مان هزارين سک ياتر??ن کي پاڪستان ۾ آجيان ۽ سهولت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته زائر??ن کي ويزا جاري ڪرڻ پاڪستان جي مذهبي جاين جي دورن کي آسان بڻائڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي عزم موجب آهي. ترجمان چيو ته هن سال پاڪستان ايندڙ ڀارتي زائر??ن کي 6824 ويزا جاري ڪيا ويا.