اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا ذميوار آهيُون، مولانا ??ضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان جو مناسب جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏئ?? سگهي ٿي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته مولانا ??ضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان اليڪشن ڪميشن ڏسي ورتو هوندو، اها ئي ان جو مناسب جواب ڏئ?? سگهي ٿي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد جا ذميوار آهيون. نواز شريف جي وطن واپسي بابت سوال تي هن چيو ته نواز شريف جي واپسي جو نگران حڪومت سان ڪو تعلق نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چين ۽ پاڪستا?? جا لاڳاپا سدا بهار آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام شاندار آهي.