نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊا??ري??ٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف پاران 3 بلين آمريڪي ڊالر جي اسٽينڊ بائي ايگريمنٽ (ايس بي اي) جي منظوري تي ٿورا مڃيا. هن ايم ڊي آءِ ايم ايف کي پاڪستان حڪومت پاران ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم تصديق ڪئي ته انهن قدمن جو مقصد پائيدار اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وڌ??ڪ اهو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حفاظت تي ڀرپور ڌيان ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي منئيجنگ ڊا??ري??ٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معيشت جي بحالي جي لاءِ پاليسين ۽ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ٺوس ڪوششن کي ساراهيو. هن يقين ڏياريو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان لاڳاپن کي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.