اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي ميڊيا جي وفد سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد جو دورو ڪيو، هي تقريب سي پيڪ منصوبن خاص طور تي گرين لائين ٽرين جي 10 سالا تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي. وفد ٽر??ن ۾ استعمال ٿيندڙ جديد چيني ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي ساراهيو. ان موقعي تي پا??ست??ن ريلوي پاران ٽرينن ۾ چين پاران فراهم ڪيل جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي ??ان وفد کي بريفنگ ڏني وئي. پا??ست??ن ريلوي پاران وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽر??ن ۾ ايئرڪنڊيشنڊ (اي سي)، بزنس ڪلاس جون ٻه بوگيون، پارلر جي هڪ ڪوچ، ٻه اي سي اسٽينڊرڊ ۽ اڪانومي ڪلاس جون ٻه بوگيون شامل آهن. هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وڌيڪ ماڻهو گرين لائين ٽرين جي بهتر معيار جي ڪري ان تي لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر کي ترجيح ڏين ٿا، ٽرين جي وقت تي سختي ??ان پابندي ڪئي پئي وڃي.
ريلوي عملدارن پاران ٻڌايو ويو ته ريلوي واري وفاقي وزير پا??ست??ن ريلوي کي گرين لائين ٽرين جي سفر جي وقت کي 23 ڪلاڪن کان گهٽ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي جنهن ??ان مسافرن جو پا??ست??ن ريلوي تي اعتماد بحال ٿيندو. چيني ميڊيا جي وفد کي ٻڌايو ويو ته گرين لائين ٽر??ن ۾ بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اعليٰ معيار جي کاڌي جي فراهمي ۽ ٽڪيٽ جي قيمت کي مناسب سطح تي رکڻ شامل آهي. ان کانسواءِ اي سي پارلر جي هر سيٽ تي هڪ جدا ايل سي ڊي هنئي ويندي ته جيئن مسافر هيڊ فون جي ذريعي پنهنجي پسنديده وڊيوز ۽ پروگرامن مان لطف اندوز ٿي سگهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرين نان اسٽاپ آهي جيڪا ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ رڳو خانيوال، بهاولپور، حيدرآباد ئي رڪ?? ٿي. هي ٽرين 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار ??ان هلڻ جي صلاحيت رک?? ٿي، راولپنڊي کان لاهور پهچڻ کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ 9 ڪوچز جو اضافو ڪيو وڃي ٿو جنهن کانپوءِ اها ٽرين 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار ??ان هل?? ٿي. وفد گرين لائين ٽرين جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ مسافرن جي لاءِ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پا??ست??ن ريلوي پاران مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي چيني ميڊيا جي وفد جو استقبال ڪيو. ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ پا??ست??ن ريلوي انعام الله وفد جو استقبال ڪيو ۽ پا??ست??ن ريلوي پاران يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون. هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت پا??ست??ن ريلوي جي مستقبل جي منصوبن کان پڻ وفد کي آگاهه ڪيو.