اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) يوڪرين جو پرڏ??هي وزير دمترو ڪوليبا 20 کان 21 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري ۾ هو اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۽ پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏ??هي آفيس موجب پاڪستان يوڪرين جي وچ ۾ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا ??هن. يوڪرين جي پرڏ??هي وزير جو دورو 1993ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون وزارتي دورو آهي. اميد آهي ته ا?? سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.