اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي، اهو منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بائيف جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. دورو ڪندڙ ترڪمانستان جي وفد ۾ توانائي جي نائب وزير اناجيلدي سپاروف، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ بي او ڊي جي چيئرمين، ٽي پي سي ايل محمد ميرات امانوف کانسواءِ پاڪستان ۾ ترڪمانستان جو سفير عطا جان مولاموف پڻ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش رکي ٿي. هن زور ڏنو ته پاڪستان ترڪمانستان جي ت??انائي جي ڀرپور ذخيرن تائين فوري پهچ جو گيٽ و?? ثابت ٿي سگهي ٿو. تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ت?? تاپي پاڪستان جي ت??انائي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان جي حڪومتن ج?? ويزن جو هڪ اهم جز آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. هن منصوبي ت?? جلد عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ت?? سمورين لاڳاپيل ڌرين پاران دستياب سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ان منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. منصوبي جي مختلف حصن تي ڪم کي ت??ز ڪرڻ جي لاءِ، وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان کي پاڪستان پاران فوڪل پرسن نامزد ڪيو هو سينيئر ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو سربراهه پڻ آهي. بعد ۾ وزيراعظم تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي (جي آئي پي) جي معاهدي ت?? صحيحن واري ت??ريب ۾ شرڪت ڪئي. معاهدي ت?? پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. جي آئي پي جو مقصد تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي ت?? ڪم کي ت??ز ڪرڻ آهي. تاپي پائيپ لائين منصوبي جومقصد 1814 ڪلوميٽر ڊ??هي پائيپ لائين جي ذريعي ترڪمانستان سان قدرتي گئس کي افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت تائين پهچائڻ آهي جنهن ۾ ساليانو 33 بلين ڪيوبڪ ميٽر قدرتي گئس جي چرپر جي گنجائش آهي. فعال ٿيڻ کانپوءِ تاپي منصوبو علائقائي ت??انائي جي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيندو ۽ اقتصادي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.