اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ ب??يٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شامل ??رڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ??ن سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? سان خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? سان ملاقات ڪندڙن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ محمد جمال الدين شامل هئا. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي ب??يٽ جي حوالي سان خيبرپختونخواهه صوبي جي ضم ٿيل ضلعن جي مسلئن جي حل لاءِ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن تي تجويزون ڏنيون. وزيراعظم انهن تجويزن جي آجيان ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان تي مشاورت ڪري انهن کي ب??يٽ ۾ شامل ??رڻ جي هدايت ڪئي.