اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندر پاڪ فوج جي جوانن کي خراج ??قي??ت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعم دردوني ضلعي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن حوالدار سليم خان، نائيڪ جاويد اقبال، سپاهي نذير خان، سپاهي حضرت بلال، سپاهي سيد رجب حسين ۽ سپاهي بسم الله جان کي خراج ??قي??ت پيش ڪيو، شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ?? پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي رستي ۾ شيهي جي ديوار آهي، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.