اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان خان اقتدار ۾ رهي ۽ اقتدار کان ٻاهر پنهنجي اعمالن ۽ حرڪتن سان سدائين ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي، هن سعودي عرب جي ڏنل گهڙيءَ ??ڪر?? ڪئي، سائفر جو ڪ??ڙ ڳالهايو، قومي ادارن ۽ شهيدن جي يادگارن تي ح??لا ڪرايا ۽ ملڪ جي بدنامي جو مرتڪب ٿيو، 9 مئي جي سانحي جي ڏوهه جي مذمت ڪافي نه آهي، عم??ان خان ڏوهه جو اعتراف ڪري ۽ ذميواري قبول ڪري، مذمت سان 9 مئي جو ڏوهه لڪي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڏوهاري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ چيئرمين عم??ان خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عم??ان خان تسليم ڪري ته 9 مئي جي کليل دهشتگردي ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي جي پٺيان توهان ماسٽر مائنڊ هئا ۽ توهان منصوبابندي ڪئي، اسپتالون، اسڪول، مسجدون، ايمبولينس ۽ ڪور ڪمانڊر جو گهر ساڙڻ جي منصوبابندي توهان ڪئي. وفاقي وزير چ??و ته عم??ان خان مذمت نه ڪري، دهشتگردي جي مرڪز زمان پارڪ ۾ لڪل دهشتگرد قانون جي ح??الي ڪري. هن چيو ته پوليس تي پيٽرول بم، گوليون ۽ پٿر اڇلائيندڙ رڳو مذمت ڪري جان نه ٿا ڇڏرائي سگهن. رياست تي ح??لو ڪ??دڙن کي سزا ڏيڻ دنيا ۾ ڪنهن انساني ح?? جي خلاف ورزي نه آهي. هن جو چوڻ هو ته اسپتالن، اسڪولن ۽ مريضن تي ح??لو ڪري ايمبولينسون ساڙڻ انساني ح??ن جون خلاف ورزيون آهن، انهن ڪاررواين ۾ ملوث وحشين کي سزا ڏيڻ انساني ح??ن جي خلاف ورزي نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فاشسٽ جي هٿان نُنهن، ڌيئرن ۽ پٽن کي ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ انساني ح??ن جي خلاف ورزي هئي، طيبه گل کي اغوا ڪري وزيراعظم هائوس ۾ رکڻ انساني ح??ن جي خلاف ورزي هئي، صحافين کي سچ ڳالهائڻ تي قيد ڪرڻ، گوليون هڻڻ، اغوا ڪرڻ ۽ انهن جون پاسراٽيون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙڻ انساني ح?? جي خلاف ورزي هئي، هزاره برادري جي مظلوم شهيدن جي پونئيرن کي ”جنازن سان بليڪ ميل نه ٿيندس“ چوڻ انساني ح??ن جي خلاف ورزي هئي.