اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل يونيورسٽي آف پاڪستان بل 2023ع جي توث??ق ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب بل جو مقصد اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف پاڪستان جو قيام ??مل ۾ آڻڻ آهي. صدر پير روشان انسٽيٽيوٽ آف پراگريسو سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيز ميران شاهه بل 2023ع ج?? پڻ توث??ق ڪري ڇڏي آهي. بل جو مقصد ميران شاهه خيبرپختون??وا??ه ۾ پير روشان انسٽيٽيوٽ جو قيام آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلز جي توثيق آئين جي آرٽيڪلز 70 ۽ 75 تحت ڪئي آهي.