اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??ير??ن جي صدر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف ??ير??ن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، توانائي تعاون، سل??متي ۽ علائقائي استحڪام ۾ بطرف?? لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تازو ئي پولان گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميش?? لائين جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان سل??لي ۾ ??ير??ني حڪومت جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا سميت عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ??ير??ني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي صدر ابراهيم رئيسي کي ??ير??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي تاريخي اڳڀرائي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته فلسطين جي والاريل علائقن ۾ اسرائيل پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي اسرائيل فلسطين تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو.